لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي طرفان ايندڙ سال چيمپئنز ٽرافي کان اڳ ملڪ جي ٽن اهم اسٽيڊيمز کي اَپ گريڊ ڪرڻ جوفيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ نياز اسٽيڊيم حيدرآباد ۽ ارباب نياز اسٽيڊيم پشاور شامل ناهن.
لاهور ۾ پي سي بي چيئرمين جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو جنهن ۾ نيسپاڪ جي عملدارن اسٽيڊيمز جي اپ گريڊيشن بابت بريفنگ ڏني.
پي سي بي چيئرمين محسن نقوي اسٽيڊيمز جي اپ گريڊيشن جو پلان طلب ڪري ورتو آهي جنهن موجب، قذافي اسٽيڊيم لاهور، نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۽ راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم کي اپ گريڊ ٿيندا.
محسن نقوي جو چوڻ آهي ته چيمپيئنز ٽرافي کان پهريان ٽن اسٽيڊيمز جي اپ گريڊيشن مڪمل ڪئي ويندي.
سندس چوڻ هوته اسٽيڊيمز ۾ تماشائين جي سهولتن کي بهتر بڻايو ويندو، ضرورت موجب اسٽيڊيم ۾ سيٽون وڌايون وينديون.
واضح رهي ته پاڪستان کي ايندڙ سال آءِ سي سي چيمپئينز ٽرافي جي ميزباني ڪرڻي آهي.
You might also like