صحافين، ڪريئيٽرز ۽ ليکڪن لاءِ ايڪس (ٽوئيٽر جو نئون نالو) ۾ هڪ نئون فيچر متعارف ڪرايو ويو آهي جنهن تحت ڊگھا مضمون پوسٽ ڪري سگھبا.
آرٽيڪلز نالي ان فيچر جي ذريعي واهپيدارن ڊگھيو لکڻيون ان سوشل ميڊيا ميڊيا پليٽ فارم تي پوسٽ ڪري سگھندا.
ان فيچر ۾ بيسڪ ٽيسڪسٽ ايڊٽنگ ٽولز جو اضافو ڪيو ويو آهي ته جيئن واهپيدار لکڻين کي فارميٽ ڪرڻ سان گڏ ميڊيا فائلز به ان ۾ شامل ڪري سگھن.
ڪمپني پاران اهو ته نه ٻڌايو ويو آهي ته ان فيچر ۾ ڪيتري ڊگھي لکڻي پوسٽ ڪري سگھجي ٿي پر هڪ رپورٽ موجب 1 لک حرفن تي ٻڌل پوسٽ ڪرڻ ممڪن آهي.
اهو فيچر ايڪس جي پريميئم پلس واهپيدارن ۽ ويريفائيڊ آرگنائزيشنزکي دستياب هوندو.