جيلن جي قيدين لاءِ سهولت، اسمارٽ اسٽور قائم ٿيندا

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي جيلن ۾ قيدي هاڻي گهران سامان گهرائڻ بدران جيل ۾ ئي وٺي سگهندا، قيدين جي سهولت لاءِ اسمارٽ اسٽور ٺاهيا ويا آهن.

ڪيمپ جيل لاهور ۾ باضابطا طور تي يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن تحت اسمارٽ اسٽور کي فعال ڪيو ويو آهي.

اسٽور تي چانهه، ڪولڊ ڊرنڪس، بيڪري جون شيون، صابح سميت ٻيون ضروري شيون موجود هونديون.

هن اپاءَ سان قيدي گهرن مان سامان گهرائڻ بدران جيلن مان ئي وٺي سگهندا.

قيدي بينڪ ۾ موجود اڪائونٽ سان بائيو ميٽرڪ تصديق ذريعي آن لائن پيمينٽ به ڪري سگهندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.