بيٽنگ ئي ترجيح آهي پر موقعو مليو ته بالنگ ۾ به ڪردار ادا ڪندس: صائم ايوب

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پي ايس ايل ۾ پشاور زلمي جي نمائندگي ڪندڙ نوجوان بيٽر صائم ايوب چيو آهي ته پي ايس ايل ۾ سدائين مزو ايندو آهي، زلمي جي ماحول کي انجواءِ ڪري رهيو آهيان.
نجي ٽي وي چئنل کي انٽرويو ڏيندي صائم ايوب چيو ته مان شروع کان بالنگ جو خواهشمند هيس، اڄڪلهه جي ڪرڪيٽ ۾ آل رائونڊر فائديمند هوندا آهن، نيٽس تي ٻن ٽن سالن کان بالنگ ڪري رهيو هيس، موقعو هاڻ مليو آهي، جيڪا به ذميواري ملندي آهي اها 100 سيڪڙو نڀائڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان.
هن چيو ته بالنگ ۾ مون وٽ ڪجهه وڃائڻ لاءِ ناهي، تنهن ڪري بالنگ ڪندو آهيان، اسلام آباد خلاف پهرئين بال تي وڪيٽ وٺڻ جي اميد نه هئي، هر هر اهڙو بال ناهي ڪرائي سگهبو.
سندس چوڻ هو ته منهنجو ڌيان بالنگ تي ناهي، بيٽنگ ئي منهنجي ترجيح آهي، جتي موقعو ملندو اتي بالنگ ۾ به ڪردار ادا ڪندس، بابر اعظم کان تمام گهڻي رهنمائي ملندي آهي، ان سان گڏ اوپننگ ڪندي مزو ايندو آهي، هو اڪثر اڳ ئي ٻڌائي ڇڏيندو آهي ته بالر ڇا ڪرڻ وارو آهي، جنهن جو فائدو ٿيندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.