اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم جڊيشل ڪائونسل جسٽس مظاهر نقوي کي مس ڪنڊڪٽ جو ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو.
سپريم جڊيشل ڪائونسل جسٽس مظاهر نقوي کي برطرف ڪرڻ جي سفارش ۽ پنهنجي راءِ منظوري لاءِ صدر کي موڪلي ڇڏي.
سپريم جڊيشل ڪائونسل طرفان جاري پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته ڪائونسل پنهنجي رول 5 ۾ ترميم ڪئي آهي، رول 5 ۾ ترميم کانپوءِ الزامن تي وضاحت ڏيڻ جو حق ججن کي ڏنو ويو آهي.
پڌرائيءَ موجب ڪائونسل بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي هڪ جج کي به نوٽيس جاري ڪندي ان خلاف داخل شڪايت تي جواب طلب ڪري ورتو آهي.
Prev Post
Next Post
You might also like