راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه ۾ سيڪيورٽي فورسز جي مختلف ڪارروائين ۾ ٻه دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب خيبر ۾ پهرئين آپريشن ۾ شمروز عرف شاني ماريو ويو، جڏهن ته ڊي آءِ خان ۾ ٻئي آپريشن دوران دهشتگرد منصور مارجي ويو.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار برآمد ڪيا ويا، جڏهن ته امڪاني دهشتگردن جي موجودگي تي ڪليئرنس آپريشن جاري آهي.
آءِ ايس پي آر موجب دهشتگرد فورسز تي حملن ۽ شهرين جي قتل ۾ ملوث هئا.
Next Post
You might also like