ڪراچي (ويب ڊيسڪ) انٽر بئنڪ ۾ اڄ پاڪستاني رپئي جي ڀيٽ ۾ ڊالر 4 پئسا مهانگو ٿي ويو.
اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب انٽر بئنڪ ۾ ڪاروبار جي پڄاڻي تي ڊالر جو اگهه 279 رپيا 35 پئسا آهي.
ڊالر جو اگهه گذريل ڏينهن ڪاروبار جي پڄاڻي تي 279 رپيا 31 پئسا هو.
ڊالر جو اگهه انٽر بئنڪ ۾ اڄ 4 پئسا ۽ هلندڙ ڪاروباري هفتي ۾ 16 پئسا وڌيو آهي.
هوڏانهن اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جو اگهه 5 پئسا گهٽيو آهي ۽ ان جو اگهه 282 رپيا آهي.
Prev Post
You might also like