ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارت جي نامياري پَلي بيڪ سنگر شريه گهوشال انڪشاف ڪيو آهي ته سندس ننڍپڻ کان هڪ ئي خواهش هئي ته ليجنڊري سونو نگِم سان گڏ اسٽيج تي پرفارم ڪري.
سونو نِگم ڀارت جي مشهور رائلٽي شو ” انڊين آئيڊل “ ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي جتي هن ۽ شريه گهوشال گڏجي سُر وکيريا ۽ ماضيءَ جون ساروڻيون به شيئر ڪيون.
سونو نگم ٻڌايو ته مان ۽ شريه جڏهن به فلمن لاءِ ڳائيندا آهيون ته ائين لڳندو آهي ته سڀ ڪجهه پاڻمرادو ٿي رهيو آهي، ڪجهه به سوچڻو ناهي پوندو نه ئي ڪا تياري ڪرڻي پوندي آهي.
هن چيو ته اڄ مان شريه سان پهريون ڀيرو اسٽيج تي پرفارم ڪري رهيو آهيان، ڪيئي سال اڳ جنهن شريه سان مليو هئس اِها هڪ ننڍڙي ڇوڪري هئي پر هاڻي هوءَ رڳو ڀارت نه پر دنيا جي بهترين گلوڪارائن منجهان هڪ آهي، جيڪا فخر جوڳي ڳالهه آهي.
ان موقعي تي شريه گهوشال چيو ته اڄ سندس خواب ساڀيان جو روپ ماڻي ورتو آهي، مان آخري ڀيرو جڏهن اسٽيج تي سونو نگم سان ڳايو هو اِهو ڏينهن مون کي چٽي ريت ياد آهي.
هن چيو ته ان وقت منهنجو ڳلو خراب هو ۽ مان ڊنل هئس جنهن تي سونو نگم منهنجو هٿ پڪڙيو ۽ چيو ته تون ڳائينديءَ باقي پوءِ ڏسنداسين، اِهو ئي سبب آهي جو اِها ننڍڙي شريه گهوشال اڄ هن روپ ۾ وڏي اعتماد سان سونو سان گڏ پرفارم ڪري رهي آهي.