محمود اچڪزئي جي گهر تي ڇاپي خلاف مختلف شهرن ۾ مظاهرا

ڪوئيٽا/ڪراچي(م ڊ)صدارتي اميدوار ۽ پشتونخوا ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود خان اچڪزئي جي گهر تي ڇاپي خلاف ڪوئيٽا، ڪراچي ۽ ٻين شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.مقررن چيو ته پارٽي سربراهه ملڪ ۾ مبينا ڌانڌلي بابت قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ حقيقتون بيان ڪندي ڌانڌلي جي ڪردارن جي نشاندهي ڪئي، جنهن تي کيس انتقامي ڪارروائي جو نشانو بڻايو ويو.هنن چيو ته ملڪ ۾ جمهوريت ۽ عوام جي چونڊيل پارليامينٽ جي بالادستي تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو پر ان حوالي سان جدوجهد جاري رهندي.پشتونخوا ميپ پاران محمود خان اچڪزئي جي گهر تي ڇاپي خلاف ڪوئيٽا ۾ اڱاري ڏينهن شٽر ڊائون هڙتال جو سڏ ڏنو ويو آهي.ڪوئيٽا ۽ ٻين ڪيترن ئي علائقن ۾ وڪيلن پاران پشتون خواه ميپ جي سربراهه جي گهر تي ڇاپي خلاف احتجاج طور عدالتن جو بائيڪاٽ پڻ ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.