پي ٽي آءِ جو مخصوص سيٽون نه ڏيڻ تي عدالت وڃڻ جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن جي درخواست رد ڪرڻ خلاف عدالت وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
اليڪشن ڪميشن جي فيصلي تي سينيٽ ۾ تقرير ڪندي بئريستر علي ظفر چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر کي هڪ منٽ به ان عهدي تي نه رهڻ گهرجي، ان فيصلي کانپوءِ صدارتي ۽ سينيٽ چونڊون اسان کي منظور نه هونديون، اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي چئلينج ڪنداسين.
هن چيو اسان اليڪشن ڪميشن کي درخواست ڪئي هئي ته وزارت عظميٰ جي اليڪشن کان اڳ مخصوص سيٽن بابت فيصلو ڪري، آرٽيڪل 51 موجب جيتريون سيٽون کٽيون آهن، انهن موجب مخصوص سيٽون ملنديون، آئين موجب جيڪڏهن آزاد اميدوار ڪنهن جماعت ۾ شامل ٿئي ته ان جماعت کي مخصوص سيٽون ملڻ گهرجن.
سندس چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن کي اسان کي 23 مخصوص سيٽون ڏيڻيون هيون، اڄ اليڪشن ڪميشن اعلان ڪيو ته اهي سيٽون اسان کي نه پيا ڏين، شايد اليڪشن ڪميشن اهو مخصوص سيٽون ٻين جماعتن کي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
بئريسٽر علي ظفر چيو فيصلي سان ظاهر ٿي ويو ته اليڪشن ڪميشن پنهنجي فرضن جي ڀڃڪڙي ڪري رهي آهي، چيف اليڪشن ڪمشنر کي هڪ منٽ به عهدي تي نه رهڻ گهرجي، مخصوص سيٽن بابت جيستائين عدليا جو حتمي فيصلو نٿو اچي، تيستائين سينيٽ ۽ صدارتي چونڊ نٿي ٿي سگهي، مطالبو ٿا ڪيون ته سينيٽ ۽ صدارتي چونڊ ملتوي ڪئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.