ڪي پي ڪي ۾ برساتن سبب 27 ڄڻا اجل جو شڪار: پي ڊي ايم اي

اسلام آباد (م ڊ) خيبرپختونخواهه ۾ جاري برساتن سبب ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان بابت پي ڊي ايم اي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي، پي ڊي ايم  اي جي رپورٽ موجب 48 ڪلاڪن دوران ڪي پي ڪي ۾ برساتن ۽ جابلو شپون ڪرڻ سبب حادثن جي نتيجي ۾ پشاور، مردان، مالاڪنڊ، باجوڙ، سوات ۽ لوئر دير سميت مختلف علائقن ۾ 27 ڄڻا فوت ۽ 38 ماڻهو زخمي ٿي پيا، پي ڊي ايم اي جي رپورٽ موجب 129 گهرن کي جزوي نقصان پهتو، 33 گهر مڪمل طور تباهه ٿي ويا، ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين خان گنڊاپور به ان معاملي جو نوٽيس ورتو آهي ۽ هُن جي هاديت تي متاثرن ۾ امداي سامان ورهايو پيو وڃي، ڊي جي پي ڊي ايم اي محمد قصر خان چيو آهي ته متاثر ضلعن ۾ امدادي ڪارروايون جاري آهن، مالم جبه ۾ شديد برفباري سبب ڦاٿل سياحن کي ريسڪيو ڪيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.