پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه ۾ جاري برساتن ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب هيل تائين 17 ڄڻا فوت ۽ 23 زخمي ٿي پيا آهن.
پي ڊي ايم اي جي رپورٽ موجب برساتن سبب 13 گهرن کي جزوي ۽ 21 گهرن کي مڪمل طور نقصان پهتو آهي.
ڊائريڪٽر جنرل پي ڊي ايم اي محمد قيصر خان ٻڌايو ته متاثر ضلعن ۾ امدادي ڪارروائيون جاري آهن، برفباري ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب بند روڊ کولڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن.
You might also like