ڪچري جي ڍير تي ڦٽو ڪيل تازي ڄاول ٻار کي ڪتن ماري وڌو

پتوڪي (ويب ڊيسڪ) پتوڪي ۾ ڪچري تي ڍير تي ڦٽو ڪيل تازي ڄاول ٻار کي ڪتن ماري وڌو.
پوليس موجب مدينه ڪالوني ۾ تازي ڄاول ٻار کي رات جي اونداهي ۾ ڪچهري تي ڍير تي ڦٽو ڪيو ويو هو.
علائقي واسين ٻار کي ڪتن کان بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پر هو نه بچي سگهيو، ريسڪيو ٽيم اتي پهچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيو.
پوليس جو چوڻ آهي ته اڻڄاتل جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ٻار جي ڊي اين اي ڪرائي ويندي، جنهن کانپوءِ وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.