برساتن جو سلسلو ڪيستائين جاري رهندو؟ موسميات کاتي ٻڌائي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ملڪ جي مختلف علائقن ۾ ايندڙ 48 ڪلاڪن دوران تيز برسات جو امڪان آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته برساتن جو سبب بڻجندڙ هڪ ٻيو موسمياتي سسٽم ملڪ جي اولهه ۽ ڏکڻ علائقن ۾ وڌيڪ برساتن لاءِ پهچڻ وارو آهي، ڪجهه هنڌن تي آنڌاري ۽ جابلو علائقن ۾ برفباري جو امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب ايندڙ 12 کان 24 ڪلاڪن ۾ ملڪ جي اتر علائقن سميت خيبر پختونخواهه، گلگت بلتستان، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، پنجاب جي وچولن ۽ مٿين علائقن ۾ برسات جو امڪان آهي.
اين ڊي ايم اي موجوده برساتن کانپوءِ ايندڙ برساتن جو سلسلو 5 کان 7 مارچ جي وچ ۾ شروع ٿيڻ جي به وارننگ ڏني آهي.
برساتن جو نئون اسپيل بلوچستان سان گڏ خيبر پختونخواهه، ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ پنجاب جي مٿين علائقن کي متاثر ڪري سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.