لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو آهي ته صوبي جي هر شهري لاءِ علاج جون بهتر سهولتون يقيني بڻائڻ عزم آهي، هر اسپتال ۾ ميرٽ تي ايم ايس لڳايا ويندا، ڪرپشن تي رعايت نه هوندي.
لاهور ۾ صحت جي حوالي سان اجلاس ۾ ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته غريب ماڻهو کي ڪينسر جي علاج جون بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ خاص اسپتال قائم ڪئي ويندي، عوام کي صحت جون سهولتون دَر تي پهچائڻ لاءِ پائلٽ پراجيڪٽ لاهور کان شروع ڪيو ويندو.
ان موقعي تي مريم نواز عوام کي مفت دوائن جي فوري طور فراهمي يقيني بڻائڻ جي به منظوري ڏني.
Next Post
You might also like