ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ گذريل ڏينهن برسات کانپوءِ ٿڌ جي لهر وڌي وئي ۽ مارچ ۾ ٿڌ جو 43 سالن جو رڪارڊ ٽٽي ويو.
ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ گذريل ڏينهن برسات کانپوءِ اڄ شهر ۾ ٿڌيون هوائون گهلڻ لڳيون.
چيف ميٽرولاجسٽ سردار سرفراز موجب شهر ۾ 4 مارچ تائين ٿڌ جي لهر برقرار رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته وڌيڪ برسات جو ڪو امڪان ناهي.
هن ٻڌايو ته شهر ۾ اڄ گهٽ کان گهٽ پارو 14.5 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته پارو 11 کان 9 ڊگري تائين ڪِري سگهي ٿي.
واضح رهي ته ڪراچي ۾ مارچ ۾ گهٽ کان گهٽ پارو 7 ڊگري 9 مارچ 1979 ۾ رڪارڊ ٿيو هو.
You might also like