ڀارتي شادي ۾ پاپ ڳائڻي ريحانا جي ڌمال محفل لٽي ورتي!

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اننت امباني ۽ راڌيڪا مرچنٽ جي پري ويڊنگ تقريب ڪجهه ڏينهن کان جاري آهي، پروگرام جي پهرئين ڏينهن پاپ ڳائڻي ريحانا به تقريبن ۾ حصو ورتو.

ريحانا جي وڊيوز انٽرنيٽ تي ڌم مچائي ڇڏي آهي.

ريحانا شادي جي پري ويڊنگ تقريب ۾ شاندار پرفارمينس ڏني، اهو پروگرام ريحانا جو ڀارت ۾ پهريون پروگرام هو.

تقريب ۾ شاهه رخ خان، سلمان خان، سڌارٿ ملهوترا، ڪيارا آڏواڻي، سيف علي خان، ڪرينا ڪپور، ماڌوري، ورن ڌون، انيل ڪپور، سارا علي خان، ابراهيم علي خان، اننيا پانڊي، اديتيا راءِ ڪپور ۽ ٻيا شريڪ ٿيا.

جهانوي ڪپور ريحانا سان گڏ ڊانس پڻ ڪئي جڏهن ته راني مکرجي، ديپيڪا، رنوير سنگهه، رنبير ڪپور ۽ عاليا ڀٽ به شرڪت ڪئي.

ان کان اڳ ريحانا جڏهن ڀارت ۾ ايئرپورٽ تي پهتي ته وڏي هجوم کيس گهيري ورتو ۽ سيڪيورٽي اهلڪار پريشان ٿي ويا.

سڀ ريحانا ريحانا جا نعرا هڻي کيس هڪ سيلفي لاءِ منٿون ڪري رهيا هئا پر ريحانا پرسڪون رهي ۽ پهريان سيڪيورٽي تي مقرر پوليس اهلڪار عورتن سان تصويرون ڪڍرايائين ۽ پوءِ روڪڻ جي باوجود هن ٻن ٻن ٽن ٽن ماڻهن کي هجوم مان پاڻ ڏانهن گهرايو ۽ کين ڀاڪر پائي فوٽو به ڪڍرايا.

ريحانا جي اهڙي وڏي دل سڄي دنيا ۾ سندس مداحن جون دليون کٽي ورتيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.