حرا سومرو جو پاڪستاني ڊرامن ۾ وڌيڪ بهتري آڻڻ تي زور

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي اڀرندڙ اداڪارا حرا سومرو چيو آهي ته جيڪڏهن ڊرامن جي ڪهاڻي سوچي سمجهي لکي وڃي ته بهتر ٿي سگهي ٿي.
حرا سومرو تازو نجي ٽي وي چئنل جي هڪ پروگرام ۾ مهمان طور شريڪ ٿي ۽ مختلف سوالن جا جواب ڏنائين.
هن چيو ته جيڪي ماڻهو مون کي بي وقوف سمجهن ٿا اهي پاڻ ڪهڙا عقل وارا آهن، سوشل ميڊيا تي ڪيترائي ماڻهو عقل وارا آهن، ائين لڳندو آهي ته انهن وٽ ڪو فرشتو ايندو آهي ۽ سڀ ڪجهه ٻڌائي ويندو آهي.
مختلف سوالن جا جواب ڏيندي حرا سومرو چيو ته شعيب ملڪ منهنجو پسنديده ڪرڪيٽر، جڏهن ته آصف زرداري اسان جو بزرگ آهي.
سندس چوڻ هو ته منهنجو شوبز ۾ اچڻ جو مقصد اداڪاري ڪرڻ هو پر اڄڪلهه جا ڊرامن جي ڪهاڻي هڪ جهڙي آهي، جڏهن ته ڪجهه ڊرامن ۾ سٺو ڪم به ٿيو آهي، جيڪڏهن دماغ استعمال ڪيو وڃي ته ڊرامن جو اسڪرپٽ وڌيڪ بهتر ٿي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.