گوتم گنڀير جو سياست ڇڏڻ جو اعلان

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر ۽ حڪمران جماعت ڀارتيه جنتا پارٽي (بي جي پي) جي اسيمبلي ميمبر گوتم گنڀير سياست ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ڀارتي ميڊيا موجب گوتم گنڀير پنهنجي فيصلي بابت سوشل ميڊيا تي اعلان ڪيو.
هن سياست ۾ اچڻ کان اڳ پنهنجي پيشي ۽ شوق ڪرڪيٽ تي ڌيان ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو.
پنهنجي پيغام ۾ گنڀير لکيو ته پارٽي صدر مون کي ذميوارين کان فارغ ڪري ته جيئن مان پنهنجي ڪرڪيٽ جي حوالي سان ڪيل واعدن تي ڌيان ڏئي سگهان.
گوتم گنڀير پنهنجي پيغام ۾ ڀارتي وزيراعظم جا به ٿورا مڃيا.
واضح رهي ته ڀارتي ميڊيا ۾ اطلاع سامهون آيا هئا ته گوتم گنڀير کي هلندڙ سال ٿيندڙ چونڊن ۾ ٽڪيٽ نه ملندي ۽ هاڻ سندس طرفان سياست ڇڏڻ جو اعلان سامهون آيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.