فيس بڪ اهم فيچر بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) فيس بڪ طرفان پنهنجو اهم فيچر بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

سماجي رابطن جي ويب سائيٽ پنهنجي ايپليڪيشن مان نيوز ٽيم کي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

اهو نيوز ٽيب 5 سال اڳ 2019 ۾ شروع ڪيو ويو هو جنهن لاءِ لکين ڊالرز جو معاهدو به ڪيو ويو هو پر گذريل سال فيس بڪ برطانيا، جرمني ۽ فرانس ۾ هن فيچر کي بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو.

هاڻي اهو فيچر آسٽريليا ۽ آمريڪا ۾ به بند ڪيو پيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.