عثمان طارق جي بالنگ ايڪشن تي بحث، اڳوڻي ڪرڪيٽر وضاحت ڏئي ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ جي نائين ايڊيشن ۾ پنهنجي بالنگ سان سڀني کي متاثر ڪندڙ اسپنر عثمان طارق جي بالنگ ايڪشن تي سوال اٿڻ لڳا.
پي ايس ايل ۾ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز جي نمائندگي ڪندڙ عثمان طارق کي تجزئي نگارن طرفان آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کان اڳ ٽيم ۾ شامل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو پيو وڃي، سندن چوڻ آهي ته هو ميگا ايونٽ ۾ مسٽري اسپنر طور ٽيم جي ڪاميابين ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.
عثمان طارق جي بالنگ ايڪشن تي ڪجهه فينز سوال اٿاريو ته هو بال ڪرائڻ کان اڳ ٿورو رُڪجي ٿو، ڇا اهو ايڪشن ليگل آهي؟ جنهن تي اڳوڻي ڪرڪيٽر محمد حفيظ وضاحت پيش ڪندي ٻڌايو ته سندس بالنگ ايڪشن آءِ سي سي جي قانون 42.2 موجب قانوني آهي.
ان قانون ۾ ٻڌايو ويو آهي ته بالر بال ڪرائڻ کان اڳ رُڪجي سگهي ٿو پر جيڪڏهن اهو سندس بالنگ ايڪشن جو حصو هجي ته، جيڪڏهن امپائر کي لڳي ته هو بيٽر کي دوکو ڏيڻ لاءِ ائين ڪري رهيو آهي ته هو ان بال کي ڊيڊ قرار ڏيندو آهي.
محمد حفيظ چيو ته اسپنر پنهنجو هٿ 15 ڊگري تائين بينڊ ڪري سگهي ٿو پر عثمان جو هٿ رڳو 12 ڊگري تائين ويندو آهي.
واضح رهي ته ڀارتي اسپنر روي چندرن ايشون به ٿوري رڪجي بال ڪرائيندو آهي ۽ سندس بالنگ ايڪشن ليگل آهي.
ياد رهي ته عثمان طارق سنڌ پريميئر ليگ ۾ بهترين بالنگ جو مظاهرو ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.