ٻي عظيم جنگ جي دور جي بم کي تباهه ڪيو ويو

برسلز (ويب ڊيسڪ) بيلجيئم جي سمنڊ تي ٻي عظيم جنگ جي دور جي بم کي ڪاميابي سان ڌماڪو ڪري اڏايو ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب اها ڪارروائي هڪ خالي ڪناري تي ڪئي وئي، جتي بيلجيئم جي فوج جي بم ڊسپوزل يونٽ جي هڪ ٽيم بم کي ڌماڪيدار مواد سان تباهه ڪيو.
رپورٽن موجب اهو بم تازو بيلجيئم جي سمنڊ ڪناري هٿ آيو هو، جنهن کي آبادي کان پري کڻي وڃي تباهه ڪرڻ لاءِ آپريشن ڪيو ويو.
رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اهو بم 220 پائونڊ وزني هو ۽ ان سڄي آپريشن دوران ڪو جاني يا مالي نقصان نه ٿيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.