راولپنڊي ۾ برسات سبب پي ايس ايل جون ٻئي ميچون ختم، ٽيمن کي هڪ – هڪ پوائنٽ ڏني وئي

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) راولپنڊي ۾ تيز برسات سبب پي ايس ايل جون اڄ شيڊيول ٻئي ميچون ختم ڪيون ويون ۽ ٽيمن کي هڪ – هڪ پوائنٽ ڏني وئي.
وقفي وقفي سان جاري برسات سبب لاهور قلندرز ۽ پشاور زلمي جي ميچ نه ٿي سگهي، جڏهن ته اسلام آباد يونائيٽيڊ ۽ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز وچ ۾ ميچ به ختم ڪئي وئي.
راولپنڊي اسٽيڊيم ۾ مسلسل برسات سبب پاڻي بيهجي ويو آهي ۽ برسات جو سلسلو جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.