سنڌ اسيمبلي ٻاهران ڪارڪنن تي تشدد هڪ ٻيو ڪارو باب آهي: جماعت اسلامي

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) جماعت اسلامي جي ترجمان قيصر شريف چيو آهي ته سنڌ اسيمبلي ٻاهران پوليس گردي جي مذمت ڪيون ٿا، سياسي ڪارڪنن تي تشدد هڪ ٻيو ڪارو باب آهي.
هڪ بيان ۾ سندس چوڻ هوته پرامن احتجاج سياسي پارٽين جو آئيني ۽ جهموري حق آهي، پنهنجو حق ملڻ تائين چونڊ نتيجن خلاف احتجاج جاري رهندو.
هن چيو ته ڪراچي ۾ جماعت اسلامي جو ميڊيٽ چوري ڪيو ويو، يوٽيليٽي اسٽورز تي عام مارڪيٽ کان وڌيڪ قيمتون نااهلي جو واضح ثبوت آهي، آءِ ايم ايف جي چوڻ تي عوام کي رليف پئڪيج بدران تڪليف پئڪيج ڏنو پيو وڃي.
هن وڌيڪ چيو ته عوام جي ڏکيائين ۾ اضافو آءِ ايم ايف جي غير مشروط غلامي جو نتيجو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.