اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف سوشل ميڊيا تي مهم هلائيندڙ شخص کي گرفتار ڪيو ويو.
ذريعن موجب، 20 فيبروري تي راولپنڊي جي رهواسي عبدالواسع سوشل ميڊيا تي چيف جسٽس خلاف ڪريل ۽ ڌمڪين واري مهم ۾ حصو ورتو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته عبدالواسع سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي ڌمڪيون ڏنيون ۽ ڪردار ڪشي ڪئي.
ذريعن موجب، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن فوري ڪارروائي ڪندي عبدالواسع کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف سوشل ميڊيا مهم جي ٻين ڪردارن جي سڃاڻپ جو عمل جاري آهي ۽ باقي ملوث ماڻهن جي نشاندهي سندن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.
You might also like