گوگل به چيٽ جي پي ٽي جهڙي مصنوعي ذهانت واري ايپ متعارف ڪري ڇڏي آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب سرچ انجن گوگل باضابطه طورتي پنهنجي آرٽيفشل انٽيليجنس نوٽ وٺڻ واري ايپ “نوٽ بڪ ايل ايم” جي نالي سان متعارف ڪئي آهي، اها گوگل پاران “جيمينائي” اي آءِ سان پهرين نوٽ ايپ آهي.
گوگل ڊيپ مائنڊ ليبارٽري ان اي آءِ نظام جو نالو، جيمينائي رکيو آهي جيڪا “ايلفا گو” جي ترقي يافتا شڪل آهي.
رپورٽ موجب جيمينائي پرو لارج لينگوئيج ماڊل سان تجرباتي مصنوعي ذهانت سان هلندڙ ايپ واهپيدارن کي نوٽ وٺڻ، ان جو خلاصو ڪرڻ، ان بابت وڌيڪ ڄاڻ فراهم ڪرڻ ۽ ايتري قدر جو مواد جي بنياد تي خاڪو تيار ڪرڻ ۾ به مدد ڪرڻ لاءِ ڊيزائن ڪئي وئي آهي.
جيمنائي اي آءِ مصنوعي ذهانت جو نظام آهي، جنهن ذريعي گوگل اوپن اي آءِ ذريعي چيٽ جي پي ٽي جهڙين شين جو مقابلو ڪرڻ جي توقع رکي ٿو. اها ايپ تجرباتي طور تي هن وقت آمريڪا ۾ متعارف ڪئي وئي آهي ۽ جلد ئي ٻين ملڪن ۾ به هلندي.