ايم ڪيو ايم جو گورنرشپ تان هٿ کڻڻ کان انڪار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم پاڪستان سنڌ ۾ گورنر شپ جي معاملي تي پنهنجو موقف واضح ڪري ڇڏيو.
ايم ڪيو ايم حڪومت سازي ۾ ن ليگ کي پنهنجي حمايت جي خاطري ڪرائيندي ٽي نڪاتي آئيني ترميم تي حمايت به گهري آهي، جنهن ۾ مڪاني ادارن جي خود مختياري ترجيح آهي.
ذريعن موجب ن ليگ وفد ايم ڪيو ايم کي خاطري ڪرائي آهي ته عوامي مفادن لاءِ انهن ترميمن تي پارٽي انهن کي سپورٽ ڪندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم واضح طور تي چيو آهي ته سنڌ ۾ گورنر شپ ايم ڪيو ايم جو حق آهي، جنهن تان هٿ نه کڻنداسين.
ايم ڪيو ايم اهو به چيو آهي ته ايم ڪيو ايم کي وفاقي ڪابينا ۾ شامل ٿيڻ جو ڪو شوق ناهي ۽ اسان ڪنهن ٻي جماعت جيان حڪومت سازي لاءِ بليڪ ميل نه ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.