ويرات ڪوهلي جي به ” ڊيپ فيڪ “ وڊيو وائرل ٿي وئي

مبئي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي اداڪارن ۽ ليجنڊري ڪرڪيٽر سچن ٽنڊولڪر کانپوءِ اڳوڻي ڪپتان ويرات ڪوهلي جي به جعلي وڊيو منظر عام تي اچي وئي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، سچن ٽنڊولڪر جيان ويرات ڪوهلي جي به ڊيپ فيڪ ذريعي تيار ڪيل جعلي وڊيو وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ هو هڪ بيٽنگ ڪمپني جي ايپ جي مشهور ڪندي نظر اچي رهيو آهي.
جعلي وڊيو ٺاهڻ لاءِ هٿرادو ذهانت ( اي آءِ ) جو استعمال ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ويرات ڪوهلي سان گڏ ڀارتي نيوز اينڪر انجنا اوم ڪيشپ جي وڊيو ۽ آواز استعمال ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.