اسان جي ڪاميابي جا نتيجا جاري نه ڪيا ويا ته آءِ ايم ايف پروگرام متاثر ٿيندو: بئريسٽر گوهر

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ اڳواڻ بئريسٽر گوهر چيو آهي ته راولپنڊي جي ڪمشنر ۽ سندس خاندان کي مڪمل سيڪيورٽي ڏني وڃي، ڌانڌلي ٿيڻ تي چيف اليڪشن ڪمشنر فوري طور استعيفيٰ ڏئي.
پي ٽي آءِ باني سان جيل ۾ ملاقات کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر چيو ته اسان اليڪشن ڪميشن کان مطالبو ڪندا رهياسين ته شفاف چونڊون ڪرايو پر اليڪشن ڪميشن پنهنجي ذميواري نڀائڻ ۾ ناڪام رهي، اسان جو مطالبو آهي ته نتيجا فارم 45 تحت جاري ڪيا وڃن.
هن چيو ته پي ٽي آءِ باني جي هدايتن جي روشني ۾ اسان چيف اليڪشن ڪمشنر کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪيون ٿا، جڏهن ته نتيجا عوامي مينڊيٽ تحت جاري ٿيڻ گهرجن.
سندس چوڻ هو ته راولپنڊي جي ڪمشنر واضح طور ٻڌايو ته ڪيئن ڌانڌلي ٿي، کيس ۽ سندس خاندان کي مڪمل طور سيڪيورٽي ڏني وڃي، جيڪڏهن فارم 45 تحت نتيجا جاري نه ڪيا ويا ته ان سان آءِ ايم ايف پروگرام متاثر ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.