لاهور (ويب ڊيسڪ) بلوچستان مان ڪامياب ٻن آزاد صوبائي اسيمبلي ميمبرن ن ليگ ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو.
لاهور ۾ شهباز شريف سان بلوچستان اسيمبلي جي ٻن نون چونڊيل آزاد اسيمبلي ميمبرن ملاقات ڪئي ۽ پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو.
بلوچستان اسيمبلي جي تڪ پي بي 41 ۽ پي بي 51 تان نوان چونڊيل ميمبر ولي محمد ۽ عبدالخالق ن ليگ ۾ شامل ٿيا.
شهباز شريف ٻنهي کي ن ليگ ۾ شموليت تي مبارڪباد ڏني ۽ سندن آجيان ڪئي.
You might also like