ڪراچي: پوليس جي غفلت سبب هڪ ٻيو جوابدار سٽي ڪورٽ مان فرار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پوليس جي غفلت جي هڪ ٻئي واقعي ۾ قتل جي الزام ۾ گرفتار جوابدار سٽي ڪورٽ ڪراچي مان آساني سان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.
پوليس اختيارين موجب جوابدار شوڪت کي نيپيئر پوليس قتل جي الزام ۾ گرفتار ڪيو هو، جڏهن جوابدار کي سٽي ڪورٽ آندو ويو ته ان کي هٿڪڙي ۾ لاڪ نه هو.
اختيارين غفلت ڪرڻ تي ٽن پوليس اهلڪارن اي ايس آءِ رمضان، ڪانسٽيبل شميم ۽ ايوب کي معطل ڪري ڇڏيو، پوليس موجب ٽنهي اهلڪارن کي حراست ۾ ورتو ويو ۽ انهن خلاف ڪيس به داخل ڪيو ويندو.
واضح رهي ته هڪ مهيني دوران پوليس جي غفلت سبب 4 قيدي فرار ٿي چڪا آهن، اڄ فرار ٿيندڙ جوابدار قتل جي الزام ۾ گرفتار هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.