ٻن سالن لاءِ وزيراعظم بڻجڻ وارو ڪو فارمولو ناهي: فيصل ڪريم ڪنڊي

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پ پ اڳواڻ فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته اميد آهي ته اڄ جي ڳالهين ۾ مسئلو حل ٿي ويندو، 16 مهينا اتحاد رهيو ان جو تجربو ن ليگ سان سٺو نه رهيو، چاهيون ٿا ته ماضي ۾ جيڪي مسئلا رهيا آهن هاڻي اُهي مستقبل ۾نه ٿين.
پ پ اڳواڻ فيصل ڪريم ڪنڊي نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته اسان تي پارٽي جو تمام گھڻو پريشر آهي ته ڪابينا جو حصو نه بڻجون، اسان جو منشور ان وقت لاڳو ٿيندو جڏهن وزيراعظم اسان جو هوندو
هن چيو ته پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ جي منشور ۾ فرق آهي، پيپلز پارٽي جي سي اي سي جو فيصلو آهي ته حڪومت جو حصو نه بڻجنداسين، 3 يا 2 سال وزيراعظم بڻجڻ وارو ڪو به فارمولا نه آهي
هن چيو ته آئيني عهدن لاءِ اليڪشن وڙهڻ اسان جو جمهوري حق آهي، پارٽي قيادت جلد سنڌ جي وڏي وزير جو نالو فائنل ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.