حڪومت سازي جو معاملو: پ پ ۽ ن ليگ جي اڄ ٻيهر گڏجاڻي ٿيندي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) حڪومت سازي، سياسي جوڙ ٽوڙ، اقتدار ۾ ڀائيواري ۽ ملڪي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ لاءِ مسلم ليگ ن ۽ پيپلزپارٽي وچ ۾ ڳالهيون اڄ وري ٿينديون.
ٻنهي پارٽين ۾ ملاقات ڏينهن جي وقت ۾ رکي وئي آهي.
ٻئي پاسي پ پ جي سينيئر اڳواڻ قمر زمان ڪائرا جو چوڻ آهي ته اسان کي وزارتون ناهن وٺڻيون، ڳالهين جي ڪاميٽي جي ايجنڊا ۾ اهو ناهي ته اسان ڪابينا جو حصو هونداسين.
گذريل ڏينهن ٿيل ملاقات کي مسلم ليگ ن جي سينيئر اڳواڻ اعظم نذير تارڙ هاڪاري قرار ڏيندي چيو هو ته ايندڙ وفاقي ڪابينا ۾ پيپلزپارٽي جي شموليت جي معاملي تي ڪجهه شيون اڳ ئي طئي ٿيل آهن.
مسلم ليگ ن ۽ پ پ جي رابطا ڪاميٽين ۾ ڳالهين جو پنجون دور پارليامينٽ لاجز ۾ اسحاق ڊار جي رهائشگاهه تي ٿيو.
پ پ جي وفد ۾ مراد علي شاهه، قمر زمان ڪائره، نديم افضل چن ۽ ٻيا شامل هئا. ٽن ڪلاڪن جي ڊگهي ملاقات کانپوءِ ٻنهي ڌرين ڳالهين ۾ وقفو ڪيو ۽ ڳالهين جو ٻيو دور رات 10 وڳي مقرر ڪيو ويو پر پيپلز پارٽي جو وفد واپس نه آيو ۽ فيصلو ڪيو ويو ته اجلاس رات 11 وڳي ختم ڪري صبح جو ڳالهيون جاري رکيون وڃن.
مسلم ليگ (ن) جي ذريعن اميد ظاهر ڪئي آهي ته پيپلز پارٽي سان سندن معاملا اڄ طئي ٿي ويندا ۽ ٻنهي پارٽين وچ ۾ معاهدو ٿي ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.