اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي نيپرا کي بجلي جا يونٽ اگهه وڌائڻ جي درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي.
نيپرا کي بجلي جي قيمت ۾ 7 رپيا 13 پئسا في يونٽ واڌ جي درخواست ڪئي وئي آهي، جنهن جي ٻڌڻي 23 فيبروري تي ٿيندي.
جنوري مهيني جي ايڊجسٽمينٽ لاءِ درخواست جمع ڪرائي وئي آهي. ان واڌ سان واهپيدارن تي 66 ارب 77 ڪروڙ رپين جو واڌو بار پوندو.
You might also like