نصيرآباد( ويب ڊيسڪ ) نصير آباد ۾ استاد ھدايت الله لوھار جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ ٽئين ڏهاڙي به ڌرڻو جاري آهي.
مقتول ھدايت الله لوھار جي نياڻين سسئي ۽ سورٺ لوھار جي اڳواڻي ۾ باءِ پاس انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو لڳل آهي.
ڌرڻي سبب گاڏين جون قطارون لڳل آهن، جنهن سبب مسافر سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻ تي مجبور آھن.
مقتول ھدايت الله لوھار جي وارثن جو چوڻ آهي ته جيستائين کين انصاف نه ملندو ڌرڻو جاري رکيو ويندو.
ڌرڻي سبب ڪيتريون ئي مسافر گاڏيون مختلف رستا اختيار ڪرڻ سبب ڦر جي وارداتن جو شڪار ٿي چڪيون آهن.
نصيرآباد: استاد ۽ قومپرست ھدايت الله لوھار جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ ڌرڻو جاري
You might also like