رتو ديرو: هٿياربندن جِي فائرنگ سبب زخمي ٿيل واٽهڙو عورت فوت، مارجي ويلن جو انگ ٻه ٿي ويو

رتو ديرو ( ويب ڊيسڪ ) رتيديري ۾ هٿياربندن جِي فائرنگ سبب زخمي ٿيل واٽهڙو عورت فوت ٿي وئي، جنهن کانپوءِ مارجي ويلن جو انگ ٻه ٿي ويو آهي.
ريشم گلي بازار ۾ فائرنگ سبب زخمي ٿيل مسرت خاتون زال منير احمد دايو لاڙڪاڻو اسپتال ۾ زخمن جِي سٽ نه سهندي دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو.
مقتولا جو لاش ضروري ڪارروائي کانپوءِ سندس وارث کڻائي ويا، جڏهن ته آخري اطلاعن تائين گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي هئي.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن هٿياربندن جِي فائرنگ ۾ نوجوان خليل احمد ويسر ٿڏي تي مارجي ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.