سعودي عرب کان ڪراچي پهتل نواب ولي محمد واسي 3 ڄڻا اغوا ٿي ويا

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ) سعودي عرب کان ڪراچي پهتل نواب ولي محمد واسي 3 ڄڻا اغوا ٿي ويا، هٿياربندن ٻن ڄڻن کي سخت تشدد کانپوءِ ڦٽو ڪري ڇڏيو.
ڪراچي ايئرپورٽ کان ڳوٺ روانگي لاءِ رڪشا ذريعي بس اڏي ڏانهن روانو ٿيل خميسو ڇٽو، طالب ڇٽو ۽ سمون مري کي اغوا ڪيو ويو.
هٿياربندن سمون مري ۽ طالب ڇٽو کي سخت تشدد کانپوءِ ڦٽو ڪري ڇڏيو، جڏهن ته خميسو ڇٽو کي سامان سميت پاڻ سان گڏ کڻي ويا.
زخمين کي فوري طور اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته پوليس حدبندي جو تڪرار ڄاڻائي ڪنهن به قسم جِي ڪارروائي نه ڪئي.
وارثن جو چوڻ آهي ته ٽئي ڄڻا ڪراچي ايئرپورٽ کان ڳوٺ اچي رهيا هئا ته کين اغوا ڪيو ويو، مغويءَ کي جلد بازياب ڪرائي سندن پريشاني ختم ڪئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.