ڪراچي: ڀٽائي آباد ۾ ٻن ڌرين ۾ ٻارن جِي ڳالهه تان جهيڙو، يوسي چيئرمين مارجي ويو، 6 ڄڻا زخمي

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي ۾ ٻارن جِي معمولي ڳالهه تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران يوسي چيئرمين مارجي ويو، جڏهن ته ڇهه ڄڻا زخمي ٿي پيا.
ڀٽائي آباد جِي گهٽي نمبر اڻويهه ۾ ٻنهي گروپن ۾ جهيڙي دوران فائرنگ جَي نتيجي ۾ صابر مگسي ٿڏي تي مارجي ويو.
گوليون لڳڻ سبب ڇهه ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو، زخمين مان هڪ جِي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.
اطلاع ملڻ تي پوليس پهچي مقتول جو لاش اسپتال کڻائي وئي، ضروري ڪارروائي کانپوءِ سندس وارثن حوالي ڪيو ويو.
يوسي نَو جَي ڪائونسلر شوڪت نذير چيو آهي ته مقتول جو تعلق پيپلز پارٽي سان هو، جيڪو شادي شده ۽ ٻن ٻارن جو پيءُ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.