اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪهڙو ثبوت آهي ته مان اسٽيبلشمينٽ سان سودو ڪيو آهي؟ مان سدائين قانون جي حڪمراني جي ڳالهه ڪئي آهي، مون تي الزام هڻڻ کان اڳ ثبوت پيش ڪريو.
اسلام آباد ۾ سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته شهيد ڀٽو ريفرنس تاريخي ڪيس آهي، ملڪ کي آمريت جي ذريعي هلايو ويو، ملڪ ۾ اڌ کان وڌيڪ وقت آمريت رهي آهي.
پ پ چيئرمين چيو ته شهيد ڀٽو جو عدالتي قتل ڪيو ويو، سندس قتل آمريت جي دور ۾ ٿيو، اعليٰ عدليا ۽ پارليامينٽ جا مسئلا به ان ڪيس سان سلهاڙيل آهن، اميد ڪريون ٿا ته آئين جي باني کي عدالت مان انصاف ملندو.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اميد آهي ته عدالت فيصلي سان اداري تي لڳل داغ ڌوئي ڇڏيندي، صدارتي ريفرنس جي ذريعي تاريخ درست ٿيندي، شهيد بينظير ڀٽو جو خواب هو ته پنهنجي والد کي انصاف ڏياريان، صدر زرداري ريفرنس جي ذريعي اسان کي موقعو فراهم ڪيو.
هن چيو ته قانوني، آئيني ۽ تاريخي حوالي سان حقيقتون موجود آهن، قتل بابت اوهان اهو نٿا چئي سگھو ته ڳالهه هاڻي پراڻي ٿي وئي، جج فيصلو ڪندا ته هن ڪيس ۾ انصاف ڪيو ويو يا نه؟
بلاول ڀٽو زرداري جو وڌيڪ چوڻ هو ته خوشي آهي ته عورت جج به هن ڪيس کي ٻڌي رهي آهي، جيڪو انصاف ڀٽو جي نياڻيءَ کي نه ملي سگھيو اُهو ڀٽو جي ڏوهٽي کي ملندو، جمهوريت کي طاقتور ڏسڻ چاهيون ٿا
سندس چوڻ هو ته سياسي جماعتن کي جمهوري نظام بچائڻ لاءِ گڏجي ويهڻو پوندو، حڪومت سازي جو عمل جيترو جلدي ٿي وڃا ها اوترو بهتر هو، جيڪڏهن مولانا ڪجهه چيو آهي ته ان کان ئي پڇيو.
پ پ چيئرمين چيو ته پي ٽي آءِ وارن چيو ته هو ڪنهن سان به ڳالهيون نه ڪندا، پي ٽي آءِ جي غير سنجيدگي جو نقصان جمهوريت کي ٿئي پيو.
بلاول ڀٽو زرداري موجب حڪومت ٺاهڻ لاءِ ن ليگ مون وٽ آئي، پي ٽي آءِ نه آئي، عوام ڪنهن هڪ جماعت کي اڪثريت ناهي ڏني، ن ليگ کي ووٽ ڏيندس ته شرطن تي ڏيندس، جيڪڏهن معاملا صحيح نه ٿيا ته سنگين بحران نظر اچي رهيو آهي.
پنهنجي پيءُ کي انصاف ڏيارڻ بينظير جو خواب هو، ادارن وٽ داغ ڌوئڻ جو موقعو آهي: بلاول ڀٽو
You might also like