گھوڙا ٻاري: عمارت جا چاپڙ ڪرڻ سبب نوجوان فوت

گهوڙا ٻاري ( ويب ڊيسڪ ) گھوڙا ٻاري ويجهو عمارت جا چاپڙ ڪرڻ سبب اڌڻوٽ نوجوان فوت ٿي ويو.
ڳاڙھو واسي 25 ورهين واحد مور جھريو آئوٽ فال ڊرين جي عمارت ھيٺ ويٺل ھو، اوچتو چاپڙ ڪرڻ سبب نوجوان سخت زخمي ٿي پيو.
نوجوان کي نازڪ حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ھن رستي ۾ دم ڏئي ڇڏيو.
پوليس موجب، فوتي نوجوان جو دماغي توازن ٺيڪ نه هو، وڌيڪ معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.
وارثن جو چوڻ آهي ته نوجوان رات کان گم هو اڄ صبح کين پوليس اطلاع ڪيو ته نوجوان فوت ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.