لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي آل رائونڊر عبدالرزاق چيو آهي ته ڪوئيٽا گليڊيئٽرز ڪپتان تبديل ٿيڻ کانپوءِ الڳ روپ ۾ نظر آئي، جڏهن ته ڪراچي ڪنگز جي ميچ ۾ شعيب ملڪ پنهنجي لاءِ سٺو کيڏيو ٽيم لاءِ نه.
خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي اڳوڻي ڪرڪيٽر عبدالرزاق چيو ته روسو کي ڪوئيتا گليڊيئٽرز جو نئون ڪپتان بڻايو ويو جيڪو پنهنجي مزاج ۾ ٿڌو آهي.
هن چيو ته سرفراز گذريل اٺن سالن کان ڪوئيٽا جي ڪپتاني ڪري رهيو هو، اسپورٽس مين هر شيءِ کي محسوس ڪندو آهي.
اڳوڻي ڪرڪيٽر چيو ته پشاور زلمي جي ميچ ۾ ڪپتان بابر اعظم پنهنجو ڪردار ادا ڪري ڇڏيو، ٽيم ۾ هر رانديگرکي پنهنجو رول هوندو آهي.
هن چيو ته بابر ۽ صائم ايوب پنهنجو ڪم ڪري ڇڏيو، بابر سٺو کيڏيو، پشاور کٽيل ميچ هارائي وئي، جڏهن ته ٻئي پاسي ڪراچي ڪنگز جي بالنگ ڪمزور آهي.
سندس چوڻ هو ته ڪراچي ڪنگز هڪ ٻن بيٽرز کانپوءِ ختم ٿي وڃي ٿي ، شعيب ملڪ پنهنجي لاءِ سٺو کيڏيو ٽيم لاءِ نه، رانديگر اُهو هوندو آهي جيڪو ٽيم لاءِ کيڏي.
You might also like