سنڌ هاءِ ڪورٽ: آءِ جي جيل منور شاهه جي مقرري ڪالعدم قرار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ آءِ جي جيل منور علي شاهه جي مقرري ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آءِ جي جيل منور شاهه جي مقرري خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته سنڌ حڪومت گذريل سال منور شاهه کي آءِ جي جيل جي عارضي چارج ڏني هئي، جنهن کي پهرين نومبر تي مستقل چارج ۾ تبديل ڪيو ويو هو، موجوده آءِ جي جيل کان به سينيئر آفيسر موجود آهن ۽ اها انهن جي حق تلفي آهي.
ٻڌڻي دوران درخواستگذار وڪيل چيو ته آءِ جي جيل جو عهدو 21هين گريڊ جو آهي ۽ منور علي شاهه 20هين گريڊ جو آفيسر آهي.
عدالت درخواستگذار جو موقف تسليم ڪندي آءِ جي جيل منور شاهه جي مقرري جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.