ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ آءِ جي جيل منور علي شاهه جي مقرري ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آءِ جي جيل منور شاهه جي مقرري خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته سنڌ حڪومت گذريل سال منور شاهه کي آءِ جي جيل جي عارضي چارج ڏني هئي، جنهن کي پهرين نومبر تي مستقل چارج ۾ تبديل ڪيو ويو هو، موجوده آءِ جي جيل کان به سينيئر آفيسر موجود آهن ۽ اها انهن جي حق تلفي آهي.
ٻڌڻي دوران درخواستگذار وڪيل چيو ته آءِ جي جيل جو عهدو 21هين گريڊ جو آهي ۽ منور علي شاهه 20هين گريڊ جو آفيسر آهي.
عدالت درخواستگذار جو موقف تسليم ڪندي آءِ جي جيل منور شاهه جي مقرري جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.