” سُڌري وڃو“ جئه شاهه ڀارتي ڪرڪيٽرز کي خبردار ڪري ڇڏيو

نئين دهلي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ( بي سي سي آءِ ) پنهنجي رانديگرن کي آءِ پي ايل بدران علائقائي ڪرڪيٽ کي ترجيح ڏيڻ تي زور ڏنو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، بي سي سي آءِ سيڪريٽري جئه شاهه سينٽرل ڪانٽريٽ رکندڙ ملڪي ڪرڪيٽرز تي زور ڏنو آهي ته هو آءِ پي ايل کي ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ تي ترجيح نه ڏين.
جئه شاهه موجب، ڪرڪيٽرز پاران ڊوميسٽڪ ٽورنامينٽ ۾ شرڪت نه ڪرڻ سبب کين سخت نتيجن جو منهن ڏسڻو پئجي سگهي ٿو.
واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ شرياس ايئر ۽ ايشان ڪِشن رنجي ٽرافي جي آخري رائونڊ ۾ شرڪت نه ڪئي جنهن تي جئه شاهه رانديگرن کي لکيل خط ۾ پنهنجي ڳڻتي کان آگاهه ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.