ڪراچي ۾ هوائن جو رُخ تبديل ٿيندي ئي نئون وائرس پکڙجي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ هوائن جو رخ تبديل ٿيندي ئي هڪ نئين وائرس جي واڌ ٿي وئي.
جناح اسپتال جي رجسٽرار ڊاڪٽر هالار شيخ موجب موسم جي تبديلي سان گڏ ئي مختلف وائرل انفيڪشنز ۾ به واڌ ٿي ويندي آهي، ڪراچي ۾ به موسم جي تبديلي سان گڏ ايڊينو نالي وائرس جو خطرو وڌي ويو آهي.
هن ٻڌايو ته ڪراچي ۾ موسم جي تبديلي سان ئي ايڊينو نالي وائرس جي پکيڙ سامهون آئي آهي، وائرس سان عام طور تي نزلي، کنگهه، زڪام ۽ بخار جي ڪيفيت هوندي آهي، وائرس سان متاثر شخص ٻه ٽي ڏينهن آرام ڪري ته اهو صحتياب ٿي ويندو آهي.
جناح اسپتال جي رجسٽرار خبردار ڪندي چيو ته ان وائرس کان خاص طور تي پيرسن، سهڪي ۽ شگر جا مريض احتياط ڪن، اهو وائرس غذائيت جي کوٽ ۽ احتياط نه ڪرڻ سان نمونيا جي شڪل به اختيار ڪري سگهي ٿو.
وائرس کان بچاءَ لاءِ احتياطي اپاءَ ڏسيندي هن چيو ته ايڊينو نالي انفيڪشن دوران هڪٻئي سان هٿ ملائڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي ۽ اهڙي موسم ۾ ٻاهر جي کاڌن کان به پاسو ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.