نئين حڪومت ۾ پ پ جو ڪهڙو حصو هوندو، اهو بلاول طئي ڪندو: فاروق نائيڪ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ فاروق ايڇ نائيڪ چيو آهي ته نئين حڪومت ۾ پ پ جو ڪهڙو حصو هوندو، اهو بلاول طئي ڪندو.
ڪراچي ۾ صحافين سان غير رسمي گفتگو ڪندي فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته حڪومتي جوڙ جڪ تي سڀني جماعتن کي گڏ ويهي فارمولو طئي ڪرڻ گهرجي، ڇو ته ملڪ نين چونڊن کي برداشت نٿو ڪري سگهي.
هن چيو ته معاشي بحران مان گذري رهيا آهيون، تنهن ڪري روڊن تي نڪرڻ سان مسئلو نه هوندو، ملڪ ۾ قانون موجود آهي، اليڪشن ٽربيونل به موجود آهي، سياسي استحڪام سان ئي معاشي استحڪام ٿيندو.
سندس چوڻ هو ته نئين حڪومت ۾ پ پ جو ڪهڙو حصو هوندو، اهو بلاول فيصلو ڪندو، حڪومتي جوڙجڪ لاءِ ڳالهه ٻولهه جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.