اسان وفاق کان خيرات نه پنهنجو حصو گهرنداسين: علي امين گنڊاپور

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي نامزد وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته اسان وفاق کان خيرات نه پنهنجو حصو گهرنداسين.
پشاور هاءِ ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي علي امين گنڊاپور چيو ته ”ساڊا حق اٿي رک“ اهو منهنجو نعرو آهي، اسان وفاق کان خيرات نه پنهنجو حصو گهرنداسين.
هن چيو ته پارٽي شموليت تي ليگل ٽيم معاملا ڏسي رهي آهي ۽ پارٽي شموليت جو حتمي فيصلو پي ٽي آءِ باني ئي ڪندو.
سندس چوڻ هو ته معاشي بحران جي خاتمي لاءِ قدم کڻنداسين ۽ نوجوانن کي روزگار ۽ ڪاروبار جا موقعا ڏنا ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.