نگران وزيراعظم سويلين ڳجهي اداري انٽيليجنس بيورو جي حيثيت تبديل ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ سويلين ڳجهي اداري انٽيليجنس بيورو (آءِ بي) جي حيثيت تبديل ڪري ڇڏي.
نوٽيفڪيشن موجب نگران وزيراعظم آءِ بي کي بيورو مان تبديل ڪري ڊويزن جو اسٽيٽس ڏئي ڇڏيو.
ڊائريڪٽر جنرل (ڊي جي) آءِ بي فواد اسد الله جي خاص ڪوششن سان حيثيت تبديل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.
نگران وزيراعظم جي منظوري کانپوءِ انٽيليجنس بيورو ڊويزن ۾ تبديل ڪيو ويو ۽ اهو فيصلو انتظامي ۽ مالي معاملا بهتر بڻائڻ لاءِ ڪيو ويو.
نگران وزيراعظم جي منظوري کانپوءِ ڪابينا ڊويزن حڪم جاري ڪري ڇڏيا، جنهن کانپوءِ ڊي جي آءِ بي ڊويزن جي ايڪس آفيشو سيڪريٽري طور خدمتون انجام ڏيندو.
آءِ بي جو اسٽيٽس تبديل ڪرڻ جا حڪم فوري طور لاڳو ڪيا ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.