ملڪ ۾ هڪ مهيني ۾ اڍائي هزار کان مٿي نيون ڪمپنيون رجسٽرڊ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ هڪ مهيني ۾ ٻه هزار 651 نيون ڪمپنيون رجسٽرڊ ٿي ويون.
ايس اي سي پي ڪمپنين جي رجسٽريشن جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا، جنهن موجب ملڪ ۾ رجسٽرڊ ڪمپنين جو انگ 2 لک 12 هزار 108 ٿي ويو آهي.
ايس اي سي پي موجب نين ڪمپنين جي رجسٽريشن ۾ ساليانو 10 سيڪڙو واڌ ٿي آهي، جنوري ۾ نين ڪمپنين ۾ 58 سيڪڙو پرائيويٽ ڪمپنيون آهن، جنوري ۾ 5 پرڏيهي ڪمپنيون به رجسٽرڊ ڪيون ويون آهن.
ايس اي سي پي موجب جنوري ۾ تقريبن 99.85 سيڪڙو ڪمپنيون آن لائن رجسٽرڊ ٿيون، جنوري ۾ آءِ ٽي جون 356 ڪمپنيون رجسٽرڊ ڪيون ويون، واپار جي شعبي ۾ 319، ريئل اسٽيٽ جون 277 ڪمپينون رجسٽرڊ ٿيون، سياحت ۾ 14 ۽ تعليم ۾ 116 ڪمپنيون رجسٽرڊ ٿيون.
ايس اي سي پي جو چوڻ آهي ته جنوري ۾ 68 سيڪڙو ڪمپنين ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري رپورٽ ڪئي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.