بين الصوبائي رابطا جو ڪردار ختم، پي سي بي وزيراعظم آفيس جي ماتحت

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) جا معاملا بين الصوبائي رابطا ( آءِ پي سي) کان ڪابينا ڊويزن منتقل ڪيا ويا آهن.
نگران حڪومت پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جا معاملا ڪابينا ڊويزن ڏانهن منتقل ڪيا ۽ ان جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.
پي سي بي سڌي ريت وزيراعظم آفيس جي ماتحت ڪم ڪندو.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ هاڻي بين الصوبائي رابطا کي جوابده نه هوندو ۽ ان کانپوءِ بين الصوبائي رابطا سيڪريٽري به پي سي بي بورڊ آف گورنرز جو ميمبر ناهي رهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.