پاڻ کي سپريم ڪورٽ جو اٽارني جنرل ظاهر ڪندڙ جوابدار پڪڙ ۾ اچي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي جاچ ايجنسي (ايف آءِ اي) جعلسازي ۾ ملوث جوابدار کي اسلام آباد مان گرفتار ڪري ورتو.
ايف آءِ اي موجب جوابدار فيض علي سيد پاڻ کي سپريم ڪورٽ جو اٽارني جنرل ظاهر ڪندو هو.
ايف آءِ اي چيو ته جوابدار واٽس ايپ ذريعي مختلف سرڪاري آفيسرن کي ڪال ڪري ڌمڪائيندو هو.
ايف آءِ اي موجب جوابدار خلاف جعلسازي تحت سڄي ملڪ ۾ ڪيس داخل هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.